آمري

آمري

آمري 1

آمري1: سنڌ جي قديم آثارن ۾ تمام اهم حيثيت جا هي دڙا 10O26 اتر ويڪرائي ڦاڪ 01O68 ڊگھائي ڦاڪ تي آمري شھر کان اتر- اتر اولهه اٽڪل 250 ميٽرن تي سيوھڻ- ڪوٽڙي روڊ جي ڀرسان ڄام شوري ضلعي ۾. انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي واقع آهن. انهن دڙن جو صفا مٿيون تھه اسلامي دور- گھڻو ڪري مغل دور جو آهي. ٻئي تھه ۾ جھڪر ۽ چانهون دڙو / سنڌو سڀيتا جا آثار آهن ۽ ٽيون تھه آمري ثقافت سان لڳاپيل آهي. فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. اوڀر واري دڙي مان ٽي رھائشي تھه کوٽيا. صفا مٿئين تھه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گھڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون به مليون آھن. ٻئي تھه مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جھڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ٽئين تھه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جھڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، تن کي آمري ثقافت سان لاڳاپيل سمجھجي ٿو. آمري دور جو ٺڪراٺو گھڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهه ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تھن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون به مليون آھن، جيڪي چوڌاري بند آھن.نه در نه دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي تري ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي؛ سا پيل ھئي. ناديون گھڻو ڪري ڀڳل ھيون. ان مان سمجھجي ٿو ته شايد ڪي ساميون ھيون جن جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تھه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري- تي ڳاڙھا پٽا آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو ٺڪر آھي. ان کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري- ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو ٺڪر ملي ٿو. دنيا ۾ ”آمري ٺڪر“ کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو ٺڪر بلوچستان جي به ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو ٺڪر جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو آمري ٺڪر طور سڃاتو وڃي ٿو. ھي ٺڪر چڪ تي لٿل آھي. ھتي مسٽر مجمدار ٻه کڏا کوٽيا ھئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون .



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپا ماڙي
انگهه دڙو
آدم شاھه جي ٽڪري
ٻٽڙي وارو ڀڙو
ٻيڙيءَ وارو ڪوٽيرو
ٻاريءَ جا دٻيل دڙا
اَمراڻو
الهه بند
دنب بٺي
احمد شاهه
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون